چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئ?? رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿ??ون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿ??ون، مشڪل فيصلا ڪن ٿ??ون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ٿ??ون. هن چيو ته انصاف جي ف??اهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿ??ون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿ??ون.