اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستا??ي شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاريل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي ت?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آهي ?? آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳا??ها??ي رهيو آهيان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي ??ي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.