اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي ??ثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي ج?? فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني ج?? رياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي ج??هن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب ??و بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري ج?? ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني ج?? رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ??ڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستان جو بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي ??قريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي م??ار??باد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي ج??هن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.