گڏيل قومون-07 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس چيو آهي ته دنيا عالمي جنگ طرف و??ي رهي آهي ۽ اهيو سڀ اڻ ڄاڻي ۾ ناهي ٿيو پر عالمي برادري کليل اکن سان ۽ تيزي سان ان جنگ طرف و??ي رهي آهي . روسي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته دنيا هڪ وسيع ترين جنهن طرف و??ي رهي آهي ۽ امن جا امڪان گهٽ ۽ ??ڌي?? ڇڪتاڻ ۽ رتو ڇاڻ جا امڪان و??ي رهيا آهن . هن ??ڌي?? چيو ته سياسي فيصلا ڪندڙن ۾ پري جي سوچ ۽ سمجهه جي گهٽتائي ۽انهن طرفان صحيح فيصلا ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون آهن . عارضي مفاد حاصل ڪرڻ جي سوچ نه رڳ?? انتهائي غير ذميواراڻي پر غير اخلاقي آهي . سياستدان ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ڌيان رڳ?? اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ ڪاروباري مفادن حاصل ڪرڻ آهي . ٻي پاسي گڏيل قومن جي اصولن تي ٻڌل نظام ۽ عالمي قانون کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي موجوده افسوس ناڪ صورتحال اسان جي سامهون آهي . جيڪڏهن هر ملڪ گڏيل قومن جي چارٽر مطابق پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ته انهي صورت ۾ ئي امن سان زندگي گذارڻ جي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي . هن گڏيل قومن جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عالمي اداري جي منشور تي عمل ڪرڻ جو ٻيهر عهد ڪندي امن لاءِ پنهنجي نقطه نظر کي تبديل ڪن ۽ انساني حقن ۽ وقار کي پهرين ترجيج ڏين . هن چيو ته هاڻي سمورن عالمي اڳواڻن کي اکيون کولي ۽ ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي .