اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس پوري ٽيم کي هڪ متوازن، ترقي تي ٻڌل ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مالي طور تي درپيش چئلينجن ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ جي تياري انتهائي ڏکيو ڪم هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ ??روگرام جي لاءِ فنڊز ۾ اضافو ڪيو آهي، بينظير اسڪالرشپ پروگرام جو دائرو هڪ ڪرو?? شاگردن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته حڪومت معاشر?? جي مالي طور تي ڪمزور طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ منهنجي سوچ اها آهي ته مالي لحاظ کان مضبوط ماڻهن کي ٽيڪسن جي ادائيگ?? جي ذريعي قومي خزان?? جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سولر پينلز جي درآمد ۽ پهچ تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، زرعي مشينري ۽ مداخل جي درآمد تي پڻ ٽيڪس ٻڙي ڪيو ويو آهي، اهو آبادگارن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ تمام اهم قدم آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ۽ انتظام?? جي تازن سالن جي ڪري اسان کي مشڪل کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هن بجيٽ جي ذريعي منهنجي حڪومت مشڪل فيصلن ذريعي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي ۽ معاشر?? جي ڪمزور طبقن تي انهن مشڪل فيصلن جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته عوام جي مشلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت گهريلو صارفين کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مون ڊسمبر تائين ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائينز جو ڪم مڪل ڪرڻ ۽ جامع آف گرڊ سسٽم جو منصوبو بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.