اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال تا??ين 45 لک خاندانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ گهرن جي اڏاوت جي لاءِ هڪ هزار ارب رپين جا بنا وياج قرض ڏنا ويندا، گهرن جي تعمير لاءِ بئ??ڪن هيستا??ين 45 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن، ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، هلندڙ مهيني جي آخر تا??ين پنجاب جي هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ هوندو جنهن جي ذريعي اهي ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اسپتال مان پنهنجو علاج ڪرائ?? سگهندا، جيترو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيندو حڪومت عوام جي ڀلائي تي وڌيڪ خرچ ڪندي، پاڪستان کي ان رستي تي وجهي ڇڏيو آهي جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت فيصل مسجد ۾ بنا وياج قرض جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد هڪ مٿالي اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ هو. نبي ڪريم ﷺ مديني جي جيڪا مثالي رياست قائم ڪ??ي ان ۾ ڪير قانون کان مٿانهون نه هو ۽ رياست معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي هئي. بدقسمتي سان اسان ان نظريي تان هٽي وياسين جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد هو. دنيا جا ڪيترائي غيرمسلمان ملڪ مديني جي رياست جي اهم اصولن کي اختيار ڪري ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ٿي ويا جڏهن ته مسلمان ان کي رد ڪري زوال جو شڪار ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي. حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته دنيا ۾ ان جون قيمتون مٿي وڃي رهيون آهن. اسان وٽ جيترو وڌيڪ پئسو هوندو عوام تي ايترو ئي وڌيڪ خرچ ڪنداسين ۽ ريليف ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته 45 لک خاندانن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي شروع ڪئي آهي، ان جي شروعات پٺتي پيل علائقن کان ڪئي. ڳوٺن ۾ ساڍا 3 لک رپين تا??ين جڏهن ته شهرن ۾ 5 لک رپين تا??ين بنا وياج قرض ڏنا ويندا ته جيئن ماڻهو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿ?? سگهن. گهر جي تعمير لاءِ 20 لک رپيا قرض ڏنو ويندو. حڪومت نوجوانن کي مختلف هنر سيکاريندي ته جيئن اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿ?? سگهن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، نوجوانن کي 6 کان 12 مهينن ۾ آءِ ٽي جي ضروري تربيت ڏئ?? سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ سال تا??ين 45 لک خاندانن کي هڪ هزار ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. حڪومت جي قدمن جو مقصد عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿ?? سگهن ڇو ته حڪومت هر ڪنهن کي نوڪري نه ٿي ڏئ?? سگهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي گهر جي تعمير هر شخص جو خواب هوندو آهي، بئ??ڪون اڳ ۾ عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون ۽ رڳو پئسي وارا ماڻهو ئي پنهنجو گهر تعمير ڪر?? سگهندا هئا. وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪچي آبادين ۾ رهن ٿا. ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪچي آبادين جا رهواسي آهن. حڪومتي قدمن جي ڪري بئ??ڪون پگهاردار طبقي کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهيون آهن. 45 ارب رپين جا قرض هيستا??ين فراهم ڪيا ويا آهن. ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. حڪومت گهر جي تعمير جي لاءِ قرضن تي سبسڊي ڏئي رهي آهي ته جيئن عام ماڻهو تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ هلندڙ مهيني جي آخر تا??ين هر خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو جنهن جي ذريعي اهي ڪنهن به سرڪاري يا پرائيويٽ اسپتال مان پنهنجو علاج ڪرائ?? سگهندا. اڳ ۾ عام ماڻهو رڳو سرڪاري اسپتالن ۾ ئي علاج ڪرائ?? سگهندا هئا ڇو ته انهن وٽ علاج جي لاءِ پئسو نه هوندو هو. هيلٿ ڪارڊ جي ڪري پٺتي پيل ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ نجي اسپتالون ٺهنديون ڇو ته اتي به ماڻهن وٽ صحت ڪارڊ ذريعي 10 لک رپين تا??ين مفت علاج جي سهولت هوندي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان ڪامياب پروگرام تحت بنا وياج قرض وٺندڙ شهرين ۾ چيڪ ورهايا.