لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت ح??ين ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت ح??ين جي خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان م??قع?? تي ملاق??ت ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو دعاڳو آهي ته الله تعاليٰ چوڌري شجاعت ح??ين کي جلد مڪمل صحتيابي فرمائي. چوڌري شجاعت ح??ين عيادت جي لاءِ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، شفقت محمود، حماد اظهر، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ عامر ڊوگر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاق??ت ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سالڪ حسين، حسي?? الاهي کانسواءِ شافع حسين، راسخ الاهي ۽ منتها اشرف، محم?? خان ڀٽي پڻ موجود هئا.