ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ??ڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا م??تح??م ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي ??يو ته پاڪستان وزيراعظم ??مر??ن خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.