اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) آزادي ڪشمير تحريڪ جي ????ال?? سان مظفرآباد ۾ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ تعمير ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر ۾ يادگار شهداءِ جو افتتاح ڪيو. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يادگار شهداءِ جي ??فتتاحي تقريب جو خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي هو جڏهن ته تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، آزاد ڪشمير جي ??در بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، اپوزيشن اڳواڻ ۽ آزاد ڪشمير جي ??ڳوڻن وزيراعظمن سردار عتيق احمد خان، سردار يعقوب خان، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??در چوڌري لطيف اڪبر سميت وفاقي وزيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. يادگار تي ڪشمير شهداءِ جا نالا لکيل آهن ۽ شهيدن جي قربانين کي به??ر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي، يادگار شهداءِ تحريڪ آزادي ڪشمير جي ??انين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي وئي آهي، يادگار جي ڀرپاسي گيلري ۾ والاريل ڪشمير جي ??التن جي ??ڪاسي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪشميري لوڪ گيت پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي صدر کي يادگار شهداءِ جي ????ال?? سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي اڄ 915 ڏينهن ٿي چڪا آهن. آزادي ڪشمير تحريڪ جي ????ال?? سان مظفرآباد ۾ هڪ خصوصي ڄمون ۽ ڪشمير موومينٽ ٺاهيو ويو آهي. اهو موومينٽ ڪشميرين جي لازوال آزادي جي ??دوجهد ۽ قربانين جو استعاره آهي. ان موومينٽ کي محمد فاروق ڊيزائن ڪيو آهي جنهن جو تعلق وزيرستان سان آهي، هي موومينٽ تلوچي پارڪ مظفرآباد ڪوهالا روڊ تي آهي.