اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسن جي ڪري معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، نوڪرين جي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، مقصود پٽيوالي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين جي پگهار هزارين روپين ۾ آهي جڏهن انهن جي اڪا??ون??س ۾ ڪروڙين روپ??ا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي اڪا??ون??س ۾ ويا. سينيٽ جي اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب تي ٿوري جي رٿ تي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ ٻن حصن جي ڳالهه ڪئي، هڪ اڄ جو پاڪستان آهي ۽ هڪ ڪالهه جو پاڪستان هو، هڪ 2018ع کان اڳ جو پاڪستان هو ۽ هڪ اڄ 2022ع جو پاڪستان آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ ملڪ کي 20 ارب روپيا ڪرنٽ اڪا??ون?? خسارو درپيش هو، عالمي بئنڪ، بلوم برگ ۽ اڪانومسٽ جي تازين رپورٽن ۾ حڪومتي پاليسين جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ملڪ جي واڌ جي شرح 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت تي اثر پيا، بهتر حڪمت عملي جي ڪري پاڪستان جي واڌ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ماضي ۾ واڌ جي شرح مصنوعي هئي، واڌ جي شرح ۾ اضافي سان نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪا??ون?? خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، بلومبرگ جي انگن اک??ن موجب پڪستان جي واڌ جي شرح وڌندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، اڪانومسٽ جي رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي باوجود معاشي ترقي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو نمبر آهي ۽ ڏکڻ ايشيا جو پهريو?? ملڪ آهي، هن چيو ته مارچ جي آخر تائين سڄي پنجاب جي شهرين کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏينداسين جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ جاري ڪ??ا ويا آهن، هن چيو ته ان هيلٿ ڪارڊ جي لاءِ هر خاندان کي علاج جي لاءِ ساليانو 10 لک روپيا ملندا. هن چيو ته اها پريشاني جي ڳالهه آهي ته مقصول پٽيوالي جي اڪا??ون?? ۾ 375 ڪروڙ روپ??ا ويا ۽ ان جي ماهوار پگهار 25 هزار روپيا آهي، غلام شبير قريشي ۽ اقرار حسين جي پگهار به هزارين روپين ۾ آهي جڏهن ته سندن اڪا??ون??س ۾ ڪروڙين روپ??ا ويا، اهي پئسا مني لانڊرنگ جي ذريعي شهباز شريف جي ڪا??ون??س ۾ ويا، سينيٽر قرت العين مري ۽ سينيٽر طاهر بزنجو به بحث ۾ حصو ورتو.