ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر ع??را?? اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران ج??ري پڌرائي موجب پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ ??در فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب ??در رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر ع??را?? اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحاف??ن پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان ??در ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه ??وڳ??ون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر ع??را?? اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.