اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شع??ي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لاءِ اختلاف را??ِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان معاملا سرانجام ڏ??و، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختلاف را??ِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اختلاف را??ِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لاءِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن معاملي تي اختلاف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي تر??ي ۽ علوم و فنون جو فروغ اختلاف را??ِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اختلاف را??ِ جي آداب کي سامهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه معاملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه معاملن ۾ اختلاف را??ِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لاءِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي اختلاف را??ِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان کي به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اختلاف را??ِ جي آداب کي سمجهڻ جي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏ??ي ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختلاف را??ِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي معاملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اختلاف را??ِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.