اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر ج?? رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم ج?? رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏي?? جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انسان?? امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انسان?? امداد جي فراهمي ۾ ت??زي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.