اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته مريم صفدر پنهنجي رام ليلي جي ڪ??اڻي ٻڌائي، پهريون ڀيرو اهڙو مجرم ڏٺو آهي جنهن کي ٽرائل ڪورٽ مان سزا ٿي هجي ۽ ان جي خلاف اپيل کڻي وڃي ۽ وري التوائون وٺڻ شروع ڪري ڇڏي، پانامه ڪيس ۾ 400 ماڻهن مان نواز شريف کانسواءِ ڪهڙو وزيراعظم هو جنهن جي خلاف ڪارروائي نه ٿي، جڏهن پانامه ڪيس سامهون آيو، نواز شريف قوم کي خطاب ۽ پوءِ پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي ذريعن بابت ڪوڙ ڳالهايون، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ته رڪارڊ بدران قطري خط پيش ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪ??و، فرخ حبيب چ??و ته ??نه?? به عدالت ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، رڪارڊ جمع ڪرائڻ به جرم آهي، جي آءِ ٽي ٺهي ٿي ته ان جي سامهون به پنهنجو پاڻ کي بي گناهه ثابت نه ڪري سگهيا، هڪ ملڪ جو وزيراعظم ٻي ملڪ ۾ چپڙاسي جي نوڪري ڪ??دي پڪڙيو ويو، اقاما مني لانڊرنگ جي لاءِ ??کيا ويا آهن، چوري ۽ سينا زوري ڪ??دا آهن، جيڪي عدليا تي اڄ حملا جاري آهن اهي ماضي ۾ پاناما اسڪينڊل ۾ حملن جهڙا آهن، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته انهن ٽيپن ۽ وڊيوز تي ايترو ئي اعتبار آهي ته ثبوتن جي طور تي اهي عدالت ۾ پيش ڪري، فرخ حبيب چ??و ته اڄ تائين فليٽس جون رسيدون ناهن آيون، توهان جي ڀاءُ چيو هو ته الحمد الله چار فليٽس اسان جا ۽ بينيفشل اونر مريم صفدر آهي، عمران خان 22 سالن جي جدوجهد، عوام کان ووٽ وٺي آيو، توهان وانگر جنرل جيلاني جي گُلدستي مان ناهي آيو، مشرف جا پير جهلي اين آر او وٺي ڪ??سز بند ڪرايا هجن اهي ڪ??ئن خودمختيار عدليه کي تسليم ڪندا، انهن جي تاريخ ??نه?? کان لڪيل نه آهي، انهن کي رسيدون جمع ڪرائڻ ۽ ذريعا ٻڌائڻا پوندا، ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مريم صفدر تسليم ڪري ورتو ته پاڪستاني ميڊيا کي ڪ??ٽرول ڪرڻ جي لاءِ ??شتهار بند ڪرڻ واري آڊيو سندس جي آهي، مريم صفدر ڪهڙي حيثيت سان عوام جي ٽيڪس مان ڏنل اشتهارن کي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ چوري جي تحفظ لاءِ ??ستعمال ڪري رهي هئي، فرخ حبيب چ??و ته ميڊيا جي آزادي تي ان جي منافقت کلي سامهون اچي وئي آهي، اها شريف خاندان جي نڪ جي پڪائي آهي ته هر غلط ڪم جو اعتراف ندامت بدران فخر واري انداز ۾ ڪندا آهن، مريم صفدر وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ٽي وي چئنلز جا اشتهار بند ڪري صحافين کي بيروزگار ڪري رهي هئي، فرخ حبيب چ??و ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان تي صحافي تنظيمون ۽ ميڊيا مالڪ ڪهڙو رد عمل ڏين ٿا.