اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جي ٻن مختلف فيصلن جي ??لاف لاڳاپيل بئنڪن جون اپيلون رد ڪندي متاثرين کي 1 ڪروڙ 40 لک رپين جي ??قم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. بئنڪنگ مهتسب متاثرين جي ??پيل تي البرڪه بئنڪ کي 90 لک رپيا ۽ حبيب بئنڪ کي 50 لک رپين جي ??قم واپس ڪرڻ جو في??لو ڏنو هو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي ته فراڊ جي متاثرين بشمول هڪ اوورسيز پاڪستاني کي بئنڪن جي ??نتظاميا جي هٿان وڏو نقصان کڻڻو پيو ۽ انهن کي ڪو ريليف فراهم نه ڪيوويو. هن عوام تي زور ڏنو ته اهي بئنڪنگ مهتسب جي ??دمتن مان فائدو کڻ?? ته جيئن فراڊ جي معاملن سان گڏوگڏ بئنڪ جي ??هلڪارن/ آفيسرن جي ??دانتظامي جي ??لاف ريليف حاصل ڪري سگهجي. ٻنهي ڪيسن جي ??فصيلن موجب مسز زاهده نسيم (شڪايت ڪندڙ) البرڪه بئنڪ، ڊي ايڇ اي برانچ لاهور ۾ 2017-03-03 تي پنهنجو پاڪستاني رپين جو اڪائونٽ ۽ 2017-03-28 تي برطانوي پائونڊ اسٽرلنگ جو اڪائونٽ کوليو. هن پنهنجي چيڪ ۽ ٽي ڊي آر درخواست فارم تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال جي لاءِ 10.7 ملينر پين جي ٽرم ڊپازٽ جي لاءِ درخواست ڏني. ان وقت جي ??رانچ مئنيجر عمر اڪرام بئنڪ جي ليٽر هيڊ تي کيس جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو. جڏه?? ته جولاءِ ۾ درخواستگذار کي خبر پئي ته فراهم ڪيل اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو هو. مئنيجر دوکيبازي سان سندس چيڪ استعمال ڪيو ۽ ٽي ڊر آر بدران ريئل ٽائم گراس سيٽلمينٽ جي ??رخواست ڪئي. بعد ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته عمر اڪرام مبينا طور تي 125 ملينر پين جي وڏي رقم جو فراڊ ڪيو ۽ هو پنهنجي ??ئنڪ صارفين کي ۽ جعلسازي جي ??ريعي بئنڪ اسٽيٽمينٽس ٺاهڻ ۽ فراهم ڪرڻ ۾ ماهر هو. ان جو اعتراف بئنڪ پاران ڪيو وي جنهن ڪلائنٽس جي پاليسين کي منسوخ ۽ مختلف معاملن ۾ لاڳاپيل اڪائونٽس ۾ رقم واپس ڪئي هئي. هن ڪيس ۾ اڪرام جي ??اتي ڊرائيور جي ??ئنڪ اڪائونٽ ۾ 90 لک رپين جي ??قم منتقل ڪئي وئي. مسز نسيم البرڪه بئنڪ کي پنهنجي وڃايل رقم ان جي ??ڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي ??رخواست ڪئي پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هن پنهنجي ??ڪايت جي ??زالي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رابطو ڪيو. اهڙي طرح جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ هالينڊ ۾ رهندڙ هڪ اوورسيز پاڪستاني مشتاق احمد باجوه (شڪايت ڪندڙ) جو فيصل ??باد ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ??رانچ ۾ پي ايل ايس سيونگ اڪائونٽ هو. هن 2017-04-14 تي ان وقت جي ??رانچ مئنيجر اختر حسين کي 50 لک رپيا ڪيش حوالي ڪيا. برانچ مئنيجر ڊپازٽ سلپ ڀري ۽ ان تي صحيحون ڪرڻ ۽ ٺپو هڻڻ کانپوءِ شڪايتڪ ندڙن جي ??والي ڪري ڇڏي. بعد ۾ ان جي ڀاءُ ان کي هالينڊ ۾ اطلاع ڪيو ته لاڳاپيل بئنڪ ۾ هڪ اندروني فراڊ ڪيو ويو آهي ۽ اڳوڻي برانچ مئنيجر پاران ڪيترن ئي کاتيدارن جي ??مع ڪيل فدنذ ۾ گهپلو ڪيو ويو آهي. مئنيجر دوکيبازي سان ڊپازٽ سلپ تي ذاتي طور تي ڏني ويندڙ رقم بدران ڪجهه خيالي چيڪ نمبر داخل ڪري ڇڏيا هئا. وڌيڪ اهو ته بئنڪ مرڪزي جوابدار ۽ ان جي ??اٿين جي ??لاف ايف آءِ اي فيصل ??باد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي. بئنڪ مشتاق باجوه جي ??ڪايت کي تسليم ڪرڻ جي ??اوجود ان جي ??عويٰ جي ??دائيگي نه ڪئي، جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙ انصاف جي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪنگ محتسب ٻنهي ڪيسز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ حقيقتن جو جائزووٺڻ کانپوءِ لاڳاپيل بئنڪن کي حڪم ڏنو ته شڪايت ڪندڙ کي ان جي وڃايل رقم واپس ڪئي وڃي. وفاقي محتسب چيو ته شڪايت ڪندر پنهنجي محنت جي ڪمائي لاڳاپيل بئنڪن جي ??والي ڪئي ۽ اهو بئنڪن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي ??ارفين جو تحفظ ڪن. هن قرار ڏنو ته مستعد بئنڪ عملدارن، ايماندار ۽ پيشيور عميل جي مقرري بئنڪ جي ??ميواري آهي، شڪايت ڪندڙ جي نه آهي. بئنڪنگ محتسب چيو ته بئنڪ اهڙن معاملن ۾ ذميواري کان بچي نه ٿي سگهي جڏهن اڪائونٽ هولڊر سان ان جي ??نتظاميا پاران دوکيبازي ثابت ٿي وڃي ٿي. محتسب حڪم ڏنو ته ٻئي بئنڪون وڌيڪ دير کانسواءِ شڪايت ڪندڙن جي نقصان کي پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. ان کانپوءِ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي ??لاف جدا جدا اپيلون داخل ڪيون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جي ٻنهي فيصلن کي ان بنياد تي برقرار رکيو ته بئنڪنگ کي شڪايت ڪندڙن جي ??عويٰ رد ڪرڻ جو باقاعده موقعو ڏنو ويو، پر بئنڪون پنهنجي ??ميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، صدر پنهنجي ??ڪمنامي ۾ قرار ڏنو ته بئنڪن بئنڪنگ محتسب جو في??لو رد ڪرڻ جو ڪو مناسب جواز فراهم نه ڪيو، ان لاءِ انهن جي ??پيل رد ڪئي وڃي ٿي.