اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ??جويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پ??ٽر??ليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پ??ٽر??ل جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي ??جويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پ??ٽر??ليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کا?? روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ??يليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.