اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ انتهائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي ??نقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ (GIKI) آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ صدر کي انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ??ڌايو ته هن ??قت 2366 شا??رد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن ??قت تائين 6852 شا??رد يونيورسٽي مان پاس ٿي چڪا آهن، هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته انسٽيٽيوٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يونيورسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آهي، هن ??ڌيڪ چيو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شا??ردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي جي انتظاميه کي چيو ته صنعتي ??ابطا ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي ??ورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي کي چيو ته هو خصوصي شا??ردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي ??ملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يونيورسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. هن ??ونيورسٽي تي ??ور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يونيورسٽين کي مصنوعتي ??هانت ت?? ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي.