??سل??م آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورون?? وائرس کان بچاءُ جي لاءِ جن ماڻهن پهريُون ڊوز هڻايو آهي اهي ميسيج جي انتظار بدران ويجهي ويڪسينيشن سينٽر تان ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرائي??، 30 سيپٽمبر تائين جيڪي ويڪسين نه لڳرائيندا اهي ڪيترين ئ?? سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ڪورونا ويڪسينيشن بابت پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪورونا وبا کي پوري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ ڏکيو مرحلو هو، پاڪستان ڪورون?? وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته ضروري آهي ته فوري طور تي پاڻ کي ۽ گهرڀاتين کي ويڪسين لڳرائي پنهنجو پاڻ ۽ معاشري کي محفوظ بڻايو، ڪورون?? وائرس جو گراف جيترو هيٺ ويندو معيشت، روزگار ۽ معمولات زندگي اي??ري بهتر ۽ محفوظ ٿيندي.