اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي س??ح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي س??ن دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿ?? سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي س??براه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ اف??ان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اف??انستان ۾ صورتحال خراب ٿئي ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچ?? سگهي ٿو.
هن چيو ته اف??انستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺ?? سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي س??ح تي اف??انستان جي حوالي س??ن گڏيل حڪمت عملي جوڙ?? سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته اف??انستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري اف??انستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.