اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي سان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 1.49 ب??ين ڊالرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ ??ڪر?? ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.