اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي روڪ??ام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيراعظم کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جي س??اس?? معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين، نادرا جي چيئرمين، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊي جي ن??شن?? ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي ن??شن?? انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بين الصوبائي ??اب??ن سميت سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021ع جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان جلد سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي.