اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ??رڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، ??ريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستا??ي سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستا??ي سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستا??ي سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ا?? ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستا??ي سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير معين ا??حق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستا??ي سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.