اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر سان پ??ڪس??ان ۾ افغانستان جي سفير نجيب الله علي خيل ملاقات ڪئي ڪنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اس??يڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ افغانستان جي عوام اخوت، ثقافت ۽ تاريخ جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، مستحڪم ۽ مضبوط افغانستان پ??ڪس??ان ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، اسد قيصر چيو ته پ??ڪس??ان جي موجوده حڪومت افغانستان سان وسيع النبياد واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. پ??ڪس??ان جي خواهش آهي ته سي پيڪ منصوبي مان افغانستان فائد?? حاصل ڪري، سي پيڪ منصوبو ??طي ۾ معاشي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر منصوبو ??ابت ٿيندو. جاگرافيائي اعتبار سان افغانستان وچ ايشيا جي لاءِ گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ افعان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ قومي اس??مبلي پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي جوڙيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، افغان شاگردن ۽ مريضن جي لاءِ ويزه پاليسي ۾ نرمي سان افغان عوام پ??ڪس??ان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن مان فائد?? حاصل ڪري سگهندي، افغان واپارين لاءِ ڊگهي مدي واري ويزا جاري ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو.