اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ جبوتي و??پا??، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آه??. ان عزم جو ورجاءُ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جبوتي پارليامينٽ جي صدر ۽ آفريقي يونين پارليامينٽ جي وقتي چيئرمين محمد علي حميد جي قيادت ۾ وفد جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ايوان صدر پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جبوتي ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ ۽ ٻين آفريقي ملڪن ۾ سفارتي مشنز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??، جبوتي بندرگاهه تي پاڪستاني سامان جي جلد ڪليئرنس جي لاءِ جبوتي حڪومت جو تعاون گهربل آه??.