اسلام آباد – 07 ̵1; ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثق??فت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ بيلاروس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ??ينڊدي ارمولووچ سان الوداعي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.