اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود ??ريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪ??ڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمو??ين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي وا??ح موقف تي قائم آهي ته ڪنهن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪ??و.