اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نيشن ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي سومر ڏينهن آگاهه ڪيو ويو ته مئي کانپوءِ پهريون ڀيرو وينٽيليٽرز تي ڪورونا ??ي مريضن جو تعداد 100 کان گهٽ ٿي ويو آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ترقياتي ۽ منصوبابندي وار?? وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ محرم الحرام جي حوال?? سان منصوبن ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزين بابت شڪايتن ۽ تعليمي ادارن جي ٻ??هر کولڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، فورم محرم جي سرگرمين دوران بيماري جي پکڙجڻ جي اثرن جو جائزو ورتو ۽ صو??ائي حڪومتن جي ذريعي نافذ محرم جي انتظامي منصوبي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.