اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارليامينٽ جي ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي علائقن ۾ وڻڪاري تي ڀرپور ڌيان ڏين، هر ماڻهو مهم ۾ وڌ?? چڙهي ??صو وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مري جي دوري دوران گورنر هائوس مري ۾ قومي وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳائڻ جي موقعي تي ڪيو. سينيٽ جي ق??نون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو.