اسلام آب??د ?? 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خ??رناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچا?? طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، ??وليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، ??اڪ ڊائون جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خ??ري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.