اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اح??اس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت پهرين ٻن ڪيٽيگرين ۾ 57 لک 50 هزار مستحق خاندانن ۾ 69 ارب روپيا ورهائجي چڪا آهن، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته پهرين ڪيٽيگري تحت 80 سيڪڙو ادائيگين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي ڪيٽيگري تحت ڪم تيزي سان جاري آه??، هن ٻڌايو ته 3 ڪروڙ 50 لک درخواستون رد ڪيون ويون جڏهن ته 89000 ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊز جي سُڃاڻپ نه ٿي سگه??، هن چيو ته ٽئين ڪيٽيگري جي ??اءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آه??، هن چيو ته پروگرام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کن??ا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان جي ??دايتن جي روشني ۾ ان عمل کي انتهائي شفاف بڻايو ويو آهي.