ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آه??، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مف??د ۾ آهي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مف??د ۾ آه??، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي ??ور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تح?? ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي ??ور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 ??نصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.