اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان تر??يمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ تر??يمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائين?? ۽ ??يبرپخت??نخ??اهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان تر??يمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ق??نون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ تر??يمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي خيبرپخت??نخ??اهه صوبي جي سمورن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي انشورنس ٽربيونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.