اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتموي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي س??ن اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم گهرو وزارت کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ صوبائي دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ صوبن سان تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي سيڪيورٽي خاص طور تي مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي س??ن اجلاسن جو هر مه??ني پاڻ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم سمورن سيڪيورٽي ادارن کي چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڪيورٽي ايس او پيز جي باقاعدگي آئوٽ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزارت اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي مجموعي امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي س??ن ب??يف??گ ڏ??ي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، سيڪيورٽي ادارن جي س??براهن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.