اسلام آباد – 13 – ??يپ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪروڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويند?? ته ڪير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چي?? ته موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پن??نجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪروڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چي?? ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چي?? ته ڪابينا جا ميمبر پن??نجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي ان کي پن??نجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پن??نجو حصو نه وجهي رهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چي?? ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پن??نجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چي?? ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن کي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پن??نجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايند?? ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي ان کي شاباس به ڏيندي.