اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي ??في?? پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ سرڪاري ??في??رن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي حڪومت، گئس سپلائرز ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان کي اطمينان جوڳو ڏٺو ويو. نائب وزيراعظم پيداوار ۽ ذخيري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ربيع جي فصل جي پوري ??وسم ۾ ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.