برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ منعقد ”ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عا??مي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عا??مي اتحاد جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عا??مي اتحاد جي شروعات گذريل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قا??م ڪرڻ پڻ شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قا??م ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشر??ف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ عا??مي برادري جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.