اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي ??زيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته پاڪستان جي ??زيراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اهڙي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيشيا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي ??وسٽ ۾ ملائيشيا جي ??زيراعظم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ۽ تعاون جي جذبي تحت ??مداد جي ??راهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته مان سندس اهڙي فراخدلي تي سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.