اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزي??اع??م هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزي??اع??م آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزي??اع??م دوري جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خو??هش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ م??ري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن بابت تجويز ڪيل ايم او يوز پڻ پيش ڪيا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشت?? تي پريزنٽيشن ڏني. نائب وزي??اع??م اجلاس ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي هن دوري جي ڪاميابي ۽ تجويز ڪيل مفاهمت جي يادداشت?? تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪن.