اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت ??شترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت ??شترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارتي اجلاس ۾ دولت ??شترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن ک?? فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائ?? جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت ??شترڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن ک?? حاصل ڪر?? جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت ??شترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن ک?? منهن ڏ???? جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن ک?? وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪر?? جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت ??شترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ دولت ??شترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.