اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه کي اتر ??رب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بحريه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر ??رب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪس??ان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ آمريڪي بحريه جي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، آمريڪي ??وس?? گارڊ ۽ پاڪ بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فراهم ڪئي. صدر پاڪس??ان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.