اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي مي??يا جي لاءِ مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف س??ڪش??ز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي مي??يا جا نمائندا مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل اسٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، مي??يا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊ??ارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف ا??يڪ??رانڪ مي??يا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي. مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊ??سڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران مي??يا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ ايس سي اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير بهترين انتظامن تي اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.