بيجنگ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري ??زير عظيم ابراهيم ۽ مواصلات واري ??فاقي وزير عبدالعليم خان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي معاهدي غور ويچار ڪيو ويو. مواصلات واري ??زارت طرفان جاري بيان موجب چين ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فور?? ۾ ??نهي ملڪن جي وزيرن سائيڊ لائن اجلاس جو به بندوبست ڪيو. ملاقات دوران چين، افغانستان، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ چار ملڪي ٽرانزٽ روٽ جي معاهدي تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير آگاهه ڪيو ت?? پاڪستان جوائنٽ منسٽريل ڪميٽي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس لاءِ تيار آهي. عبدالعليم خان چيو ت?? تاجڪستان جي تازي دؤري جا مثبت اثر سامهون اچڻا آهن ۽ ڊائريڪٽ فلائيٽ جي شروعات ٿي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ت?? ايشيائي ملڪن سان ٻه طرفي ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان کان تاجڪستان لاءِ چين جي رستي اڻ سڌيءَ طرح واپاري راهداري غور هيٺ آهي. هن تجويز ڏني ته واپاري گاڏيون چين کان خنجراب، ڪاشغر، مرغاب کان تاجڪستان وڃي سگهن ٿيون. وفاقي وزير تاجڪستان جي ٽرانسپورٽ واري ??زير سان اين ايل سي جي ٽرالرن جي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ت?? چين ۾ جاري گلوبل فورم شريڪ ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. تاجڪستان جي وزير عظيم ابراهيم پاڪستاني عوام لاءِ خير خواهي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو. عظيم ابراهيم ڳالهائيندي چيو ت?? گذريل مئي ۾ عبدالعليم خان جي سربراهيءَ ۾ جوائنٽ منسٽريل ڪميٽيءَ جو اجلاس سٺو ثابت ٿيو. تاجڪستان جي وزير ۽ پاڪستان جي وفاقي وزير وچ ۾ ٽريفڪ اينڊ ٽرانزٽ ايگريمينٽ تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن مستقبل ۾ گڏيل ت??اون ۽ گڏيل سرگرمين کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ۽ عظيم ابراهيم هڪٻئي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ت?? گڏيل معاهدن تي اڳڀرائي جاري رهندي، ٻنهي وزيرن وفدن سان خوشگوار اجلاس ۾ مختلف معاهدن لاءِ ورڪنگ گروپس جوڙڻ ۽ ٻين تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.