اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ??طا ڪيو. ايوان ??در ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ خصوصي تقريب ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي اس??امي معاملن جي حمايت ۽ پاڪستان ??ي بهترين دوست هجڻ جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان ??ان نوازيو. تقريب دوران ??ن ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو شيدائي آهي ۽ ان ??ي ڪم کي پ??هن??ي لاءِ تحريڪ جو ذريعو سمجهي ٿو. وزيراعظم انور ابراهيم پ??هن??ي سياسي ڪيريئر ۾ سدائين انسانيت جي مسئلن جي حل ۽ اس??امي قدرن جو علمبردار رهيو آهي. سندس قيادت انصاف جي فروغ ۽ اس??امي دنيا کي درپيش عالمي مسئلن جي حل لاءِ گهري وابستگي سان ??بارت آهي. هو خودمختياري جي تحريڪن جو حامي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي. سندس جدوجهد اس??امو فوبيا جي خلاف ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ جاري آهي ته جيئن مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏئي سگهجي. ان ??قريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهن، سفارتڪارن ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن پڻ شرڪ?? ڪئي. صدر ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ هڪ سرڪاري آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.