اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وز??ر خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا ??وشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ واري وز??ر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان نيڪ تمنائن لاءِ وفاقي وز??ر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ بچاءَ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کان آگاهه ڪيو. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وز??ر سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وز??ر پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا ??هن. هن زمبابوي سان سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.