اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ه?? چيو ته آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجما?? چيو ته آءِ ايم او جي ڪنهن سيڪريٽري جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. ه?? چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم ??زن?? اينڊ فنانس ڪا??فر??س“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪا??فر??س ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.