اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سمورين سياسي پارٽين ج?? سربراهن کي هدايت ڪئي آهي ته جون 2024ع تي ختم ٿيل مالي سال 24 -2023ع لاءِ پنهنجي اڪائونٽس جا جامع گوشوارا اليڪشن ڪميشن ۾ 29 آگسٽ 2024ع کان پهرين جمع ڪرائين. ڪالهه جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪميشن هدايت ڪئي ته انهن گوشوارن سان گڏ ??الياني آمدني ۽ خرچ، فنڊنگ جا ذريعا، اثاثا ۽ رهتن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا وڃن جڏهن ته پارٽ?? سربراهه طرفان مجاز عهديدار جي صحيحن سان تصديق نامو به فراهم ڪيو وڃي ته پارٽي کي م??ع ٿيل ذريعن ??ان ڪا فنڊنگ ناهي ٿي.