اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زردار?? چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ??يو??ن صدر ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صدر سان جدا جدا م??اقاتون پڻ ڪيون. صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيند?? چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا م??جود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ??يو??ن صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.