اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ٽن ڏينهن ??ي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي ??والي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ??ينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف آءِ اي ??ي جاچ آفيسر اسفند ??ار موقف اخت??ار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ??ور?? جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪئي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدارن کان رڪارڊ ۽ رقم جي ??رآمدگي جي لاءِ 14 ڏينهن ??ي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ??ريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب مستوئي چيو ته 124 ملين رپيا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ??ريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن ??ي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي ??والي ڪري ڇڏيو.