اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي ت??دي??ي بابت ڪانفرنس اڪيڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ ڪانفرن?? ۾ ??رڪت ڪري رهيا آهن. اسلام آباد سائنس اڪيڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪيڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا الرحمان به ڪانفرن?? ۾ ??ريڪ آهن. بنگلاديش، ملائيشيا، اردن، ل??نان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرن?? ۾ ??رڪت ڪري رهيا آهن.اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ به ڪانفرن?? ۾ ??ريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر مملڪت جي نمائندگي ڪندي افتتاحي خطاب ڪيو. هن صدر مملڪت آصف علي زرداري جو پيغام پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي ت??دي??ين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي روڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسان کي رزيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي رزيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي ت??دي??ي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ?? گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين ان??ر پاڻي جي سطح کي وڌائي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسان موسمياتي ت??دي??ي جي نقصانن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.