اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پ??ڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگيرن تي خصوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ?? پاڪستان جي ڪوششن ۽ ت??اون کي ساراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيرا??ظم ۽ پ??ڏيهي وزير کي يو اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ?? پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ ت??اون جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيرا??ظم ۽ پ??ڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ت??جيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انساني صورتحال سان عالمي ڌيان کي لکين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيرا??ظم ۽ پ??ڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نائب وزيرا??ظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ضروري امداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.